راءِ بهادر سيٺ وشنداس

راءِ بهادر سيٺ وشنداس: سيٺ وشنداس، سٺو شاعر ۽ صوفي منش ٿي گذريو آهي. هن 1843ع ڌاري ڪوٽڙيءَ (ضلعي ڄامشوري) ۾ جنم ورتو. سندس والد به هڪ درويش ۽ شاعر هو، جنهن جا ڪيترائي مريد هئا. وشنداس جون ننڍپڻ ۾ پنڊتن ۽ فقيرن سان ڪچهريون ٿينديون هيون، سندس طبيعت ۾ ويراڳ هو. ان ڪري پنجاب جي ضلعي قصور ۾ هڪ ڳوٺ جايا نوالا ۾ ستگر گلاب داس جي قدمن ۾ وڃي ويٺو. ان جي روحاني رنگ مٿس گهرو اثر ڪيو، جڏهن کيس گروءَ وٽان موڪل ملي ته ڳوٺ اچي پهتو. هي ديانتدار شخص هو، ان ڪري مخدوم امين محمد (ثالث) وٽان کيس عام مختيار ٿي ڪاروبار هلائڻ جي آڇ ٿي، جيڪا هن قبول ڪئي. ڪاروبار ۾ ايمانداريءَ سان هُن پاڻ مڃرايو. مخدوم صاحب جي وفات کانپوءِ نوڪري ڇڏي وڃي ذاتي ڪاروبار ڪيائين ۽ سنڌ جو ناليوارو سيٺ بڻجي ويو. هن جا ڪارخانا ۽ مشينون باڊهه، کنڊو، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ مشهور هئا. يار ويس ۽ وڏو سماج سڌارڪ هو، تنهنڪري ’راءِ بهادر‘ جي نالي سان مشهور هو. پاڻ محفلن ۾ راڳين سان راڳ ۾ به سنگت ڪندو هو. پاڻ ساهت جو به مشتاق هو ۽ ڪيترائي ديـني ڪـتاب شايع ڪرايائين. اڪـثر ڪري ڇـپايل ڪـتاب مـسلمان خواهه هندن ۾ مفت تقسيم ڪندو هو.
راءِ بهادر سيٺ وشنداس 1929ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو